شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

لوڪ سمجھي ٿو سادگي تنهنجي.

لوڪ سمجھي ٿو سادگي تنهنجي.
دل جي پٿر سان دل لڳي تنهنجي،

هاڻ ڏسجي ته ڪيئن مُرڪي ٿي،
درد جھاڳي هي عاشقي تنهنجي.

ڄڻ ته ديوار بيوَسين جي هُئي،
تنهنجي سامهون هي زندگي تنهنجي.

شال ساري ڄمار گھاري مَن،
ساڻ تو ساڻ هي خوشي تنهنجي.
خواب ميڙي سُتي هئي آڳر تي.
چنڊ جوڀن سان روشني تنهنجي.

وقت ايڏيون مسافريون ارپيون،
ڪِين ماڻي سَگهيس مِٺي تنهنجي.

پاڻ پرديءَ پناه ۾ رهجان،
نِرت ٻوڙي نه بندگي تنهنجي.

هونئن بدلجن ٿيون رتون ڪَيئي،
پر ڇو بدلي نه بي رُخي تنهنجي.