هي منهنجو من ڀي ڪيڏو بي چيو آ،
وڃي ڪنهن تانگھ ۾ اٽڪي پيو آ.
ٻُڌو ٿَم هو مسيحا ٿي اچي ٿو،
مون مُرڪي درد کي پنهنجو ڪيو آ.
اسان جي ڳوٺ جو رستو ڪچو هي،
نه اڄ تائين حڪومت کان ٺهيو آ،
جنم جو ڪيڪ ڪاٽيندي چيائين،
حياتي ۾ به هاڻي ڇا رهيو آ.
اکين ۾ عشق اورڻ کان لِڪي ٿو،
پٽي گل پاڻ جنهن مون کي هنيو آ.
اڪيلو آدمي ۽ سمنڊ لهرون،
وري ڪنهن سوچ ۾ وِکري ويو آ.
غزل جي روپ ۾ امداد پنهنجي،
اندر جي ڳالهه کي اهڙو کنيو آ.