شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

حرص حوَس کان ڏرندو ناهي،

حرص حوَس کان ڏرندو ناهي،
ماڻهو جيسين مرندو ناهي.

دل ۾ ديپ اُميدن جو ڪو،
مايوسين ۾ ٻَرندو ناهي.

سچ جو ٻيڙو پار پُڄي ٿو،
ڪوڙ ڪچو آ ترندو ناهي.

ويهي ڇا پيو سوچين هاڻي؟
وقت ويو جو ورندو ناهي.

ڪاغذ نيٺ ڳري ويندو آ،
خيال ته ڪو ڀي ڳرندو ناهي.

هر هر گھاءُ ڏنو ٿئي پوءِ ڀي،
من هي تُنهنجو ٺرندو ناهي،

رت جو ايڏو پياسو ماڻهو،
ڪيئن چوان هي درندو ناهي.