شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

رَمتو جوڳي راڳ اکين ۾،

رَمتو جوڳي راڳ اکين ۾،
جَرڪي پئي آ جاڳ اکين ۾.

درد وڇوڙا جيون سارو،
تن من تڙپيو، تياڳ اکين ۾.

سون سمورو سوڍل آهي،
مون لا منهنجو ماڳ اکين ۾.

ڪَڙ تي ڪپڙا ڌوئڻ آئي،
چاهت ماڻي داڳ اکين ۾.

پير پَساري اڳتي وڌبو،
ويرانين جي واڳ اکين ۾.

سونهن ستارن جهڙا آهن،
تنهنجا سارا ڀاڳ اکين ۾.