هر گھڙي ظُلمتن جي ٿي ڪاهي هِتي،
زندگي جي پُٺيان موت آهي هِتي.
ڀل فنا کي نه انسان سمجھي فنا،
پر فنا کي بقا ڪا به ناهي هِتي.
لام ڇا پر سڄي وڻ جي پارت اَٿئي،
يار جھرڪي ڀلي گهر ته ٺاهي هِتي.
پيار بدران اٿئون نفرتون جابجا،
ڀل ڏسو ڇونه ڪنهن کي به چاهي هِتي.
ڇا ٻڌايون قصا پيار پرچاءُ جا،
لوڪ دل تان نٿو مير لاهي هِتي.
دل جا احساس امداد لکندو پيو،
بي رحم ڀل زمانو ته ڊاهي هِتي.