جيت کان اڳ هار ڏيندو پاڻ کي،
وقت ڪي ويچار ڏيندو پاڻ کي.
ڇو جُهڪايون سر وڃي درگاهه تي،
پير مُرشد ٻار ڏيندو پاڻ کي؟!!
اڄ لڳي ٿو ڪو ڪڪر آڪاش تان،
وڏ ڦڙو وسڪار ڏيندو پاڻ کي.
اڄ کڻون اخلاق جون سڀ عادتون،
نه ته نسل هي گار ڏيندو پاڻ کي.
مون نه ڄاتو هو مٺا هر موڙ تي،
عشق اِئين آزار ڏيندو پاڻ کي.
جاڳ پنهنجي جوش پنهنجو ولولو،
منزلن جا پار ڏيندو پاڻ کي.
زندگي ۾ ياد ئي ناهي رکيو،
موت، ڏاڍي مار ڏيندو پاڻ کي.