شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

رات اڪيلائي کي ميڙي،

رات اڪيلائي کي ميڙي،
سوچ ٻَري ٿي پونم جان،

خواب ڪٿان کان ايندا هاڻي،
ننڊ اوجاڳن سان پئي جھيڙي،
سوچ ٻَري ٿي پونم جان.

دل جا چاڪ ڏٺا تو دلبر،
اُڌمن سان ائين پاڻ اُڊيڙي،
سوچ ٻَري ٿي پونم جان.

هلڪي هلڪي هِير ڏکڻ جي،
يادن جا ڪي گيت ڇيڙي،
سوچ ٻَري ٿي پونم جان.

راهه رُلي ٿو جوڳي منڙو،
پنهنجا ٿاڪ سمورا ٿيڙي،
سوچ ٻَري ٿي پونم جان.