وفا ۽ ڀَرم جو مان ڪنهن کي ٻُڌايان،
دنيا جي الم جو مان ڪنهن کي ٻُڌايان.
نه سرجي ٿو قصو زُليخا ۽ يوسف،
قتل ٿيل هِن جو مان ڪنهن کي ٻُڌايان.
حياتي جي دڳ ۾ جواني جو لُٽجڻ،
غلط فن فهم جو مان ڪنهن کي ٻُڌايان.
نه ڪر مون سان ماڻا سريلي او سرتي!
اُنهي من ستم جو مان ڪنهن کي ٻُڌايان.
اچي تون ئي جيڪر دلاسو نه ڏيندين،
دوا مَن مرهَم جو مان ڪنهن کي ٻُڌايان.
اَمن کي اُجاڙي وِڌو آهي وِيرن،
هِي بارود ، بَم جو مان ڪنهن کي ٻُڌايان