شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

ائين گر اوهان جي عنايت رهي،

ائين گر اوهان جي عنايت رهي،
پرين غم هزارين پوءِ ويندا ، لهي.

اُو محبوب! منهنجي اکين ۾ سدا،
اوهان جي هُجڻ جي تمّنا هُئي.

لفافي ۾ ڪو بند خط مان هجان،
ڏٺو ڪين کولي ڪڏهن ڪنهن، پڙهي.

مٺا شعر ، شاعر ٿو زنده رهي،
ڪيئن ڳالهه سمجھي ڀلا لوڪ هي،

پراڻيون ڪهاڻيون صحيفا قصا،
ٻڌايا ها ڏاڏي ڪکَن ۾ ويهي.

اوهان جو ويو ڇا پرين پيار ۾؟
حياتي ٿي برباد هن جي وئي.

هوائن جي سامهون ڪي ڏيئا کڻي،
اِها همت امداد ڪيڏي ڪئي.