تيز رهندو تار رهندو،
وقت بي ميار رهندو.
لڙڪ وهندا ڪونه جيسين،
دل اکين تي ،بار رهندو.
چنڊ آڏو رات ، ساري،
بادلن جو ڄار رهندو.
تُو هٿن جو لمس اَرپيو،
گل هميشه ، هار رهندو.
مئڪدا آباد رهندا،
خاص ڪو ، خُمار رهندو.
ڳوٺ جانان لئه اسان جو،
من سراپا ، سار رهندو.
مطلبي هِن لوڪ ۾ اڄ،
ڪير ڪنهن جو ، يار رهندو.
سوچ کي امداد ماري،
ڪيئن لکڻ کان ،ڌار رهندو.