شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

اسان کي هِت جيئڻ جي ڪا اُميد يار ڏئي وڃو،

اسان کي هِت جيئڻ جي ڪا اُميد يار ڏئي وڃو،
گھُٽيو آ من پري گھڻو ،اچي ڪو ،پيار ڏئي وڃو.

هي شهر پنهنجي زندگي جي ماٺ کي وڻيو نه آ،
خَموش پل ڪي ڳوٺ جا، جنم ۾ چار ڏئي وڃو.

گلن جي زندگي پُٺيان، خزان اُڻي ٿي سازشون،
بَکي ٿو روز درد و غم ، نئين بهار ڏئي وڃو.

ننگي بدن جي التجا، تڪي ٿي روز سمنڊ ڏي،
خدارا پنهنجي ٻاجھ سان ڀري ڪو ڄار ڏئي وڃو.

ابَهم ،اَجھل وجود کان، ڌراڙ جو لقب کَسي،
هٿن ۾ ڪنهن ڪتاب جو، هُجي ته ،بار ڏئي وڃو.

قلم کڻي مان ڪيف مان، لکان غزل ۽ گيت ڪو،
اوهان به پنهنجي مُرڪ جو ذرو ،خمار ڏئي وڃو.

هي شام هاڻي ڳوٺ جي، مونکي لڳي ٿي ماتمي،
سُجھي پئي سانجھ اجنبي، سُرهي ڪا ،سار ڏئي وڃو.