شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

تو بنا تون ڏَس کڻي،

تو بنا تون ڏَس کڻي،
دل کي آٿت ڪير ڏيندو؟

چاهتن ۽ قربتن جا،
تو جيان هي گَس کڻي،
دل کي آٿت ڪير ڏيندو؟

لوڪ سارو ساڙ ۾ آ،
دل ۾ پنهنجي ڪَس کڻي،
دل کي آٿت ڪير ڏيندو؟

لڙڪ لاڙي مُدتن کان،
مَن کليو هئس مس کڻي،
دل کي آٿت ڪير ڏيندو؟

وڃ نه دلبر ايترو چئي،
مان ڪيان ٿو بَس کڻي،
دل کي آٿت ڪير ڏيندو؟