مئڪشي ۽ مئه خانو به نڪتو اچي،
ڪو جيئڻ جو بهانو به نڪتو اچي.
ڀاءُ دولت جي خاطر ڪٺو ڀاءُ کي،
اهڙو ظالم زمانو به نڪتو اچي.
دل جي بي رنگ دنيا ۾ آخر پرين!
عاشقيءَ جو فسانو به نڪتو اچي.
پيار جي هر سزا پاڻ سِر تي کَڻي،
تنهنجو تو وٽ ديوانو به نڪتو اچي.
رات جاڳي لِکڻ جي ڪئي جُستجو،
لفظ ميڙيم ترانو به نڪتو اچي.
درد ۽ پيڙا جيون تراشيو جڏهن،
ڪو خوشي جو خزانو به نڪتو اچي.
ننڊ ديويءَ جڏهن نيڻ پنهنجا ڪيا،
ڪو ته سپنو سُهانو به نڪتو اچي.