شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

حياتي قرض لاهي ٿي،

حياتي قرض لاهي ٿي،
امڙ مان ڪونه ايندو سانءِ!

هو دشمن هوڏ ريتيو آ،
هي جرئت جوش ڪاهي ٿي.
امڙ مان ڪونه ايندوسانءِ!
هِتي هِن ديس جي مٽيءَ،
اڃان بارود باهي ٿي.
امڙ مان ڪونه ايندوسانءِ!
بغاوت جا ڊگها جھولا،
ڏکڻ جي هير ڏاهي ٿي.
امڙ مان ڪونه ايندوسانءِ!
شهيدن خون هاريو آ،
ڌڏي ڌرتي ٻُڌائي ٿي.
امڙ مان ڪونه ايندوسانءِ!
حياتي ۾ جشن ڪهڙو؟
اڃان غازي به ناهي ٿي.
امڙ مان ڪونه ايندوسانءِ!
وطن جي پاسباني ۾،
فخر مان قوم چاهي ٿي.
امڙ مان ڪونه ايندوسانءِ!