ڪيئن چوان ڪنهن دشمني جو وار هو،
هي ته پنهنجي دوستي جو وار هو.
موت جي پالوٽ کان پهرين هِتي،
ٿيو اسان تي زندگي جو وار هو.
لوڪ کان ڪهڙي شڪايت پاڻ کي،
دل لڳي هئي دل لڳي جو وار هو.
ڏِس اڃان تاريخ ورجائي پئي،
ڪو پراڻو ڪنهن صدي جو وار هو.
جاڳ ۾ گھايل اکين جي جُستجو،
ننڊ تي ڀي سانوري جو وار هو.
پوپٽن جي ميڙ مان آجو نه ٿئين،
تو مٿان ائين دلبري جو وار هو.
هر نظر هئي سونهن ديويءَ ۾ کُتل،
چيلهه تي جنهن جي سڳي جو وار هو.