هِن جواني جون سڀئي مَستيون ڦُري،
وقتُ وارن ۾ ويو چاندي ڀَري.
يار مُنهنجي مُفلسي مونکي سدا،
ڳوٺ پنهنجي کان رکيو آهي پري.
دلُربا جي دل اندر ڀُلجي ڪڏهن،
مَن منهنجي ياد جو ڏيئو ٻَري.
زندگي بي رنگ آهي اُن ڪئي،
جيڪا کٽ تي ڀرت ٿي ويٺي ڀَري.
درد ۾ مونکي رهڻ منظور آ،
دوست تُنهنجي دل اگر جي پئي ٺري.
چاهتن جا محل ويا ميسارجي،
روز ڳڻتين ۾ پيو عاشق ڳري.