شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

مڪتب ڏي ڪو ٻار وڌيو پئي،

مڪتب ڏي ڪو ٻار وڌيو پئي،
ٿيلهي ۾ ڪجھ بار وڌيو پئي.

جئين جئين بارش وڌندي ويئي،
گھر جي ڀِت ۾ ڏار وَڌيو پئي.

آس اکين جو ڇَيد هو شايد،
ڍنڍ طرف جو ڄار وڌيو پئي.

چوري کڙڪو ڪن تان لاهي،
اڳتي چوڪيدار وڌيو پئي.

توکي خود کان ڏور رکيم پر،
تيڏو توسان پيار وڌيو پئي.

همت هاڻو پنڌ اسان جو،
هوريان هوريان يار وڌيو پئي.

جيون کوڙ بهارُن آندا،
وڻ وڻ ٻوٽو ٽار وڌيو پئي.