شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

گهاءُ ڏيئي گھاءُ کي گھرو نه ڪر،

گهاءُ ڏيئي گھاءُ کي گھرو نه ڪر،
موت سان مونکي ملڻ جهڙو نه ڪر.

بي رحم دنيا جي دستورن پُٺيان،
مُحب پنهنجي چاهه کي ميرو نه ڪر.

مان ته ناهيان ڪو مفڪر، ها مگر،
انقلابي سوچ سان جهيڙو نه ڪر.

ائين نقابن ۾ رکي پنهنجو حُسن،
هر ادا جو تنگ تون پَهرو نه ڪر.

ڳوٺ جي محبوب راتين سان مِلي،
چنڊ دل جي ٿاڪ کي ٿيڙيو نه ڪر.

محبتون من مان ميسارڻ جو چَئي،
تون ظلم امداد سان اهڙو نه ڪر.