دعا
روز ٿو سجدا ڪري توڏي اچان،
در به هاڻي توسواءِ ٻيو ڪيئن وٺان.
پنهنجي مان هِن آجپي پويان رڳو،
پاڻ ٿي غافل اڃان ڪيڏو ،ڊڪان.
تون ته ڄاڻين ٿو فقيري حال کي،
تو اڳيان هر هر صدائون پيو هڻان.
لڙڪ نيڻن جا سمورا ٿين ثمر،
خوف ۾ تنهنجي يڪو ويٺو ،روئان.
ڪا خبر ناهي ته ڪيئن گذري اٿم،
هي حياتي، حال ٿو توسان ڪيان.
جھول ۾ جيڪا کنيل آ بندگي،
شل قبولين پاڻ پنهنجي ٻاجھ سان.
اڄ نِمائي سوچ کي تو در خدا،
عرض هي امداد روئي ٿو .لکان.