شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

اڄ اُٿي لهرن ۾ اهڙي موج ، آ،

اڄ اُٿي لهرن ۾ اهڙي موج ، آ،
ناوَ تاريندي ٻڏي ٿو ، ناخدا.

سوچ جون وڻندڙ ڏياٽيون ٻارجن،
ڏات ڪا اهڙي ڪري ، ڏاتر عطا.

درد جو لهجو بَکن ٿا نيڻ هي،
کول دل تي کنئي اٿئي ڪهڙي سزا.

زرد شامون هانءُ تي پيون هارجن،
من نٿو ماڻي خوشين جي ڪا فضا.

گهر ڇڏي ۽ پيار جو پرڻو ڪري،
ڇوڪري ڪهڙي نڀائي پئي وفا.

دربدر آ پيٽ جي پوڄا پٺيان،
ڪونٿو سمجھي ته ڪو آهي خدا.

خواب هاري پنهنجا سڀ ماري ڇڏيا،
هِن غريبي جا ڏسي ساڳيا ،لقا.

تون وري گِهرو ڪڪر ٿي آ ڪڏهن،
ٿر پُسن امداد پنهنجي پياس جا.