پنڌ اُگھاڙا پير وفا جي رستي ۾،
اُلڪا اڌما ڍير وفا جي رستي ۾.
عرصي کان پئي پالي ويٺي دل پنهنجي،
ماڻهن جا هي ،وير وفا جي رستي ۾.
پنهنجي آ هٿ جوڙ پرين! هِت هر ڪنهن سان،
ڪهڙا پنهنجا ،غير وفا جي رستي ۾.
من جا هِن مجذوب ارادا منزل ڏي،
ڇمڪي پئي ٿي ،ڇير وفا جي رستي ۾.
نيڻن جا ڪشڪول ٽمي ٿيا خالي ها،
دلبر تو ڪئي دير وفا جي رستي ۾.
چاهت جي گھنگھور گھٽا ڪو آڇيندو،
توبن هاڻي ،ڪير وفا جي رستي ۾.