شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

گُگهه نظر ڪو انت ، لَهي هَا،

گُگهه نظر ڪو انت ، لَهي هَا،
جيڪر هڪڙو ديپ ،جلي ها.

تيز دنيا جي تاجر آڏو,
هي ته اياڻپ ڪِين ، هَلي ها.

يادون سڀ ،دفنايون ڇو ٿئي,
هير ڏکڻ جي نيٺ ، گهُلي ها.

ڪاش ڪڏهن محبوب اندر ۾,
تانگهه رکي مون ساڻ ،مِلي ها.

وقت سنديون هي تلخ گهڙيون سڀ,
ساڻ کڻي ڪو ڪيئن،کِلي ها.

تون نه لُٽين ها جڳ سان گڏجي,
خواب اکين ۾ ڪو ته ، رهي ها.

آس ڪڏهن جَرڪائڻ خاطر,
دل ۾ اُجري باک، ڦُٽي ها.