نيڻ بَرسيا ڳالهه ڪائي ياد پئي،
دوست اهڙي دل ڏُکائي ياد پئي،
جھُور پوڙهو هو مرڻ تائين پُڳو،
نيڪ ناهي ڪا ، ڪمائي ياد پئي.
عيد جا ڪپڙا خريدڻ پئي گھُريم،
ماءُ جي ان پل ، دوائي ياد پئي.
اڄ وَري رستي ۾ آئي گھوٽڪي،
کير پيڙا ۽ مٺائي ياد پئي.
من مَدايون لوڪ جون پُٺتي ڇڏيون،
پاڻ جي هڪڙي مَدائي ياد پئي.
ساهه تي ميڙي رکيون جنهن سنگدليون،
خودڪشيءَ سامهون، خدائي ياد پئي.