شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

مڃان ٿو مُجرم اڳي ئي آهيان وري نئين ڪا ،خطا ٿيڻ ڏي،

مڃان ٿو مُجرم اڳي ئي آهيان وري نئين ڪا ،خطا ٿيڻ ڏي،
فنا ته آخر فنا ئي رهندو ، وجود وکري ،وفا ٿيڻ ڏي.

اسان جي چاهت جي ضبط آڏو ستم ظريفي ته ڪجهه به ناهي،
سڙي سڙي ڪجهه پچڻ گهري ٿي ،ڪٺور دل کي ،سزا ٿيڻ ڏي.

ميهار من ۾ چڙا وڄن ٿا اڃان به سُهڻي جي سَار جا ڪي،
امرعبادت اُڪير پل پل مُحبتن مان ،ادا ٿيڻ ڏي.

غليظ رسمون کڻي جيئن ٿا حقيرتنهنجي نگر جا ماڻهو،
انا جي سوداگرن کان هاڻي صنم اسان کي ،جُدا ٿيڻ ڏي.

غضب تماشا ڏسڻ گهرن ٿا فقير نيڻن جا آستانا،
عقاب نظرون ڀَلي جھٽن پيون حسن تي هر هر ،فدا ٿيڻ ڏي.

اسان ته پنهنجي هٿن سان پنهنجي جوان جذبن جو خون ڪيوآ،
اُجاڙ هستي کي ماٺ ۾ ڪو خوشي جو لمحو ،عطا ٿيڻ ڏي.

هزار سجدن مان نيڪ سجدو ڪڏهن ته هِتڙي ادا ٿيو هوندو،
ڏکن جا پاڇا هي نيٺ لهندا اکين جو ڳوڙهو ،دعا ٿيڻ ڏي.