لڙڪ ڇاڻي آس ميڙيندو رهيو،
هُو ٽٽل وشواس ميڙيندو رهيو.
قرب جا ٿيڙي ڪڪر محبوب ڏي،
ڪوته مَن ۾ پياس ميڙيندو رهيو.
زندگي جي جھُول ۾ ڪاٺير ڪو،
درد جا بنواس ميڙيندو رهيو.
شاعريءَ جي چيچ پڪڙي هَر ڪوَي،
اڻ ڳڻيا احساس ميڙيندو رهيو.
مون ڏٺو پوپٽ اُڏامي باغ ۾،
ڪي گلن جا واس ميڙيندو رهيو.
تو ڇڏيو امداد تنهنجو تو بنا،
مئڪدن ۾ پياس ميڙيندو رهيو.