خيال چمڪن ٿا رات ڪاري آ،
گيت سرجڻ جي آس ٻاري آ.
قرب دانهون ڪندو رهيو آ پر،
نفرتن جو هي ڏاڍ ،طاري آ.
هاڻ خوابن جو بار ناهي ڪو،
ننڊ نيڻن جي مون به ماري آ.
ٻاٽ راهن ۾ ٿيڙ ارپي ٿي،
روشنين جي تلاش جاري آ.
لوڻ ٻُرڪي ڦٽن تي ويو آهين،
واهه جي يار تُنهنجي ياري آ.
مرض وڌندو ويو مُحبت جو،
جان امداد مونکي پياري آ.