شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

ساهه ٿو ٻڏندو رهي بي ساهه ٿي،

ساهه ٿو ٻڏندو رهي بي ساهه ٿي،
اچ ڪڏهن تون دل چري جو چاهه ٿي.

چيلهه تي هلڪي نظر هئي ڇا پئي،
مان ويو هئس سوچ ۾ ،گمراهه ٿي.

منزلن جي جُستجو ۾ دل لڳي،
تون اچي منهنجو پرين همراهه ٿي.

اوچتو شيشو ٽٽو فانوس جو،
جھوپڙي ساري وئي ،اونداهه ٿي.

خيال پيو جھُمريون هڻي هِن ڳوٺ ۾،
شاعري ڳولي هِتي ،وڻراهه ٿي.

زندگي جي ڀاڳ ۾ ڪارا لٽا،
هر خوشي وکري وئي ،بيواهه ٿي.