رکان اکين تي حضور تنهنجا،
پون پيا روز پور تنهنجا.
اکين منجھان هي ٽِمي رهيا هِن،
اڙي چري دل! قصور تنهنجا.
مٽيا نه مٽبا هزار ماڻهو،
فنا لئه ساڳيا فطور تنهنجا.
مِٽيءَ آن پيارا سڃاڻ خود کي،
اجايا ايڏا غرور تنهنجا.
وفا تي پنهنجي يقين آ مَن،
ڀَرم به لهندس ضرور تنهنجا.
اي ديس تنهنجي بقا جا وارث،
غريب هاريءَ مزور تنهنجا.
هوا سمورا ويسارجن ڪيئن؟
ڏيئي ڏيئي سان ڪَلور تنهنجا.