شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

انسانيت تي داڳ

انسانيت تي داڳ

هي دُشمن روز ڪا خوشبو لتاڙي،
گلن جي کيت مان گذري وڃن ٿا،
خدا جي سونهن جو انڪار تاڻي،
هي منڪر ڪوڙ تي ڪيڏو ڪِرن ٿا،
صبح جي ماڪ قطرن کي ڦُلوڙي،
هوا کي سوز ٿا ارپي وڃن هو،
پکين جي لات ۾ گوليون وسائي،
اَلم ڪو روز ٿا ارپي وڃن هو،
ڀلا معصوم جذبن جو ترانو،
ڪنهين دُشمن اکين کي ڪيئن سُڃاڻي،
ڊڄي ڇا موت کان بندوق ڇاهِي؟
اڃان بي سمجھ هو بي خوف آهي،
مگر هو جانور جي رُوپ ۾ ٿي،
گھُرن ٿا خون هارڻ مقتلن ۾،
هُو جن جو دين ۽ ناهي ڌرم ڪو،
هو جيڪي لوڪ جا دشمن بڻيا هِن،
اِهي مون سڀ ڪمينن ۾ ڳڻيا هِن.
هُو جيڪي بَم ڪتابن ۾ رکن ٿا،
هُو جيڪي ٻار کان جَيون کسن ٿا،
اُهي انسانيت تي داڳ آهن.
اُهي انسانيت تي داڳ آهن