( احساسن جو ميڙ) پنهنجي پاران
آئون به انهن خوشنصيبن منجهان آهيان جن جي زندگي نج ڳوٺاڻي ماحول ۾ گذرندي آهي، جتي سادگي دنيا جي چالاڪين کان اڻواقف ٿي پنهنجي فطرتي حسن ۾ پئي پلجندي آهي، مان سمجھان ٿو ته جيڪا اک فطرت جي هِن حُسن ۾ کُلي هجي ان کي ڪلاڪار ٿيندي دير ئي ناهي لڳندي ڇو ته سونهن جي ڪشش من ۾ ڪيئي تعريفون پيدا ٿي ڪري، انهي تعريفن جو متلاشي ڪڏهن شاعري جي روپ ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي روپ ۾ ڪجھ نه ڪجهه بيان ڪرڻ چاهيندو آهي، مون لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو سچ پڇو ته ڪائي خبر ناهي بس جڏهن کان اندر ۾ احساسن جي اُڻتڻ وڌي مون لکڻ شروع ڪيو ۽ اڄ تائين لکندو پيو اچان. بس هڪ اظهار جو ڪو ذريعو مون کي مليو هو، شاعري ته نه هئي پر جيڪو ڪجهه مون سرجيو هو سو شاعري ڏانهن پهريون پنڌ هُيو،15سالن جي ڄمار ۾ مون لکڻ جي ڪِرت ۾ ڪافي ڪجھ لکي ورتو هو پيار محبت تي آڌاريل اُهي ڪچيون ڦڪيون لکڻيون اڄ به جڏهن کولي پڙهندو آهيان ته نفيس احساسن جو هڪ ميڙ محسوس ٿيندو آهي، اڳتي هلي لکڻ جي هن جنون سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن تا.ئين پهچايو شاعري جا اسم ڪافي تعداد ۾ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا ائين لکڻ جو اُتساه وڌيو ۽ مان لکندو رهيس، زندگي مسلسل جُستجو ۾ رهي ٿي، ڪڏهن روزگار جي تلاش ۾ ته ڪڏهن وري محبت جي حاصلات ۾،پر مون لکڻ پڙهڻ جو تسلسل هميشه برقرار رکيو آهي، ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ هجان ڪهڙي به شهر ۾ هجان پر پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي تخليقي سفر سان هميشه نڀائيندو رهيو آهيان. آئون سجھان ٿو ته شاعري اندر جو هڪ آواز آهي اهو احساس آهي جيڪو زندگي سان هميشه جي لاءِ سلهاڙجي وڃي ٿو، ڪافي ڀيرا دل شڪني به ڪئي وئي پر لکڻ کان ڪونه رهيس ۽ لکندو رهيس، سو اڄ جيڪو ڪجھ مون سرجيو آهي توهان سڀني جي سامهون آڻي رکيو اٿم هاڻ توهان پڙهندڙ ئي فيصلو ڪري سگهو ٿا ته هي اندر جا احساس تنقيدي زاوين مان نڪري شاعري جي سونهن ڏانهن ڪامياب وک ثابت ٿين ٿا يا نه؟؟؟ اڄ جڏهن پنهنجي اندر جي اڌمن کي ڪتابي شڪل ڏئي رهيو آهيان ته سوين وسوسا جنم وٺي رهيا آهن ته ڇا جيڪو ڪجھ مون لکيو آهي سو بيڪار ۾ ته ناهي لکيو، پيار پريت ۽ انسانيت جو درد ڇڏي ڪي اهڙِا موضوع ته ناهن چونڊيا جن ۾ فقط پنهنجي ذات جا ئي تذڪرا هجن قرب کي ڇڏي ڪٿي بغض ۽ بغاوت جا اکر ته ناهن لکيا ڪوڙ ۽ ڪچ جو سهارو ته ناهي ورتو؟ منهنجي هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته معاشري ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي قلم کڻجي، انسانيت جي درد تي لکجي، ان ڏَس ۾ اگر پنهنجي محبت پنهنجي ذات رهجي به وڃي ٿي ته ڪو غم نه ڪرڻ گهرجي،لکڻ جو هي سفر مون لئه دشوار ضرور رهيو آهي پر هِن مشڪلاتن ۾ محبوب دوستن جو ساٿ به مون سان هميشه رهيو آهي، ڪجھ اهڙا وجود به منهنجا همسفر بڻيا آهن، جن جو پيار پنهنجي زندگي جو هڪ اثاثوسمجھان ٿو، سڀ کان پهرين پنهنجي پياري ڀاءُ منٺار سولنگي جو نهايت ئي شڪر گذار آهيان جنهن مونکي علمي توڙي ادبي دنيا سان وابسته رکيو ۽ منهنجي خوب رهنمائي ڪئي هن وڏي ڀاءُ مون مٿان جيڪا پيار ڀري نگاهه رکي مان ان محبتن جو هميشه قرضي رهندس، باقي جن جن دوستن جو سهڪار ۽ محبتون مون سان گڏ رهيون آهن انهن ۾ پياري دوست عاجز ثناءُ الله سولنگي، ساجن سولنگي، ننڍي ڀاءُ ذوالفقار سولنگي، منهنجو پرائمري جو استاد سائين جمال الدين سولنگي، امين ڀٽو،عبدالصمد جهيجو، سيد صفدر شاهه ، لطيف کوکر، اُداسي جکراڻي ۽ آڪاش صدر چاچڙ جو پيار به ساهه ۾ سانڍڻ جهڙو رهيو آهي، ادبي دوست سائين عجب شيخ، معشوق محسن ابڙو ۽ پياري اشرف سولنگي جن جا به احسان آهن جن ڪافي منهنجي اصلاح ڪئي، توڻي جو شاعري جي سکيا مون اڄ تائين ڪنهن کان به ناهي ورتي پر انهن دوستن جي ساٿ مان ڪافي ڪجھ پرايو آهي، سنڌ جي نهايت خوبصورت شاعر ۽ منهنجي پسنديده ڪوي ايوب کوسو صاحب جا لک ٿورا جنهن مون لاءِ اتساهه جون سٽون لکي منهنجي لکڻين کي جلا بخشي، محترمه رخسانا پريت جو بيحد ٿورائتو آهيان جن بيڪ ٽائيٽل لکيو، محترم زيب سومرو جا به مون مٿان اڻ ڳڻيا احسان جنهن ڪتاب جي هن ڪوشش ۾ منهنجي هر ممڪن مدد ڪئي ۽ پنهنجا قيمتي رايا لکي مون ناچيز جي حوصلا افزائي ڪئي، پياري دوست سائين جعفر جاني جو به پيار آهي جنهن منهنجي ڪچي ڦِڪي لکڻين تي پنهنجو وزندار رايو رکيو، ڏاهي ۽ نقاد سائين خليق ٻُگهيو جون محبتون آهن، جنهن منهنجي هن ڪتاب تي ايڏي محنت ۽ محبتن منجھان ايڏو پيارو مهاڳ لکي ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو ڪيو سائين جي ان محبتن جو مان هميشه قرضي رهندس، ان کان پوءِ هن خواب کي ساڀيان جو روپ ڏيندڙ شاعر دوست ساجد سنڌي ۽ سمبارا پبليڪيشن جي پوري سٿ جو ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي ڪتاب آڻڻ جي خواهش کي پورو ڪيو، باقي انهي ڏس ۾ ڪنهن دوست دلبر جو نانءُ رهجي ويو هُجي ته معذرت ڪيان ٿو، آخر ۾ اهو ئي عرض ڪندو هلان ته آهي ته مون ڪو شاعري جو شاندار مجموعو ناهي آندو پر هي منهنجي احساسن جو هڪ ميڙ آهي، راتين جي اوجاڳن جو ثمر آهي جيڪو توهان آڏو پيش ڪري رهيو آهيان، هاڻي اهو توهان مهربانن جي دلبرين ۽ قدردان اکڙين جو ڪمال آهي ته اهي هن پورهئي کي ڪهڙي پيار مان پڙهي ڪهڙا رايا ڏين ٿيون، توهان پيارن جي راين جو اوسيئڙو رهندو.
امداد سولنگي
ڳوٺ رئيس غلام قادر خان سولنگي
پوسٽ آفيس بڊاڻي،
ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ
03433633523
03033393904