شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

رومانيت، مزاحمت ۽ سماجي سطح جو هڪ سٺو شاعر

رومانيت، مزاحمت ۽ سماجي سطح جو هڪ سٺو شاعر
امداد سولنگيءَ
مهاڳ

ايڪهين صديءَ ۾ سرجندڙ سنڌي شاعريءَ جو گهڻو،تڻو حصو موضوعاتي نرالپ کان محروم ٿيندو پيو وڃي، اڪثر شاعريءَ رومانيت، مزاحمت ۽ سماجيات جي روايتي سطح پڻي کان ڇوٽڪارو نٿي وٺي ۽ تخيلاتي يڪسانيت جي ڇهاءُ کان ڄڻ ته واندي ئي ڪانهي، جنهن جي ڪري هڪ طرف شاعريءَ جي ڪتابن جو مقدار وڌندو ٿو وڃي پر ٻئي طرف شاعريءَ جي ڪتابن جي لاءِ پڙهندڙن وٽ ڪشش گھٽجندي پئي وڃي، شاعريءَ جي لاءِ سنڌي سماج جي اندرمارڪيٽ ڪلچر جي ڪشش تڏهن وڌي سگھي ٿي، جڏهن خود شاعرن وٽ فِڪري ۽ اَسلوبي يڪسانيت جي برعڪس خيال جي نئين سرزمين دريافت ڪئي ويندي ۽ خيال جي نئين سرزمين گِھري مشاهدي ۽ مطالعي کانسواءِ ممڪن ئي ڪانهي، سوچ جي نوَن زاوين کان سواءِ نئين ۽ پُرڪشش شاعريءَ جو جنم آستان ئي تعمير نٿو ڪري سگھجي ۽ نه ئي شاعريءَ کي منفرد بڻائي سگھجي ٿو.نوَن زاوين جي تخليق واري جُستجو آرٽسٽ کي ادراڪ جي گِھرائي ڏانهن وٺي ويندي آهي، نئين يا تازي ادراڪ جي ڳولا لاءِ غير معمولي تخيلاتي تجربو گهربل هوندو آهي، ۽ غير معمولي تخيلاتي تجربي جو ساهس سارڻ سولو ڪونهي، اُهو تخليقار کان سخت محنت، مشاهدي جي نواڻ ۽ وسيع مطالعو گهري ٿو،جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ڪي ٿورا شاعر آهن، جيڪي موضوعاتي نرالپ کان ويندي، انوکي تخيل تائين ۽ فِڪري نواڻ کان ويندي اسلوب جي انفراديت تائين شاعريءَ کي هڪ مڪمل تخليقي نظام جي صورتگيري بخشن ٿا، اهڙن شاعرن جي قطار ۾ ضلعي ڪشمور جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام قادر سولنگيءَ جو هڪ نوجوان شاعر امداد سولنگيءَ به هاڻي شامل اچي ٿيو آهي، جنهن جي شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” جي مطالعي کان پوءِ نئون احساس جاڳي ٿو ته هُن وٽ تخليق جي دنيا ۾ ڪجھ نئين ڪرڻ جو ساهس آهي، سندس تخليق ۾ فِڪري سطح تي اُنهيءَ ورائٽيءَ جو جوهر ڪٿان نه ڪٿان چمڪي پوي ٿو، ڪٿان نه ڪٿان سندس جذبي جي اُڇل پڙهندڙ جي روح ۾ کُپي وڃي ٿي، ڪِٿان نه ڪٿان سندس تخيل ثقافتي ادراڪ جي جستجو ۾ آهي ۽ سندس اسلوبُ سڀيتا کي ڪٿي نه ڪٿي ڀاڪرين پوي ٿو؛
پارسائي جون حدون ٽوڙي وري،
رقص اُوتيو تنهنجي آ، مون راڳ تي.
(امداد سولنگيءَ)

امداد سولنگيءَ بنيادي طرح غزل جو شاعر آهي، هُن نظم، نثري نظم، ۽ وايون به لکيون آهن، پر هِن شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ گھڻو مقدار سندس غزلن جو آهي، هُو نئون اُڀرندڙ نوجوان شاعر آهي، پر ٿوري وقت ۾ هُن شاعريءَ کي ڪجھ نه ڪجھ سمجھي ورتو آهي، تنهنڪري ئي سندس شاعريءَ پڙهڻ جهڙي شاعريءَ آهي۽ پڙهندڙ کي ڪونه ڪوروحاني، فِڪري ۽ جمالياتي حظ ارپي ٿي،

شاعريءَ جي چيچ پڪڙي هر ڪوَي،
اڻ ڳڻيا احساس ميڙيندو رهيو.
(امداد سولنگيءَ)

امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ موضوعاتي سطح تي اڪثر ڪري رومانوي شاعري آهي، پر مزاحمت ۽ سماجيات جا چيپٽر به اُنهيءَ ۾ ڪجھ حصيداري ڪن ٿا، جنهن جي ڪري ائين چئي سگھجي ٿو ته سندس تخليقون ٽمورتي احساسن جون آئينه دار آهن رومانيت، مزاحمت ۽ سماجيات سندس فِڪري موضوع آهن، جتان سندس تخليق بار بار جھاتي پائي ٿي، اُنهيءَ رومانيت، مزاحمت ۽ سماجيات جي ڪينواسن ۾ ئي سندس ڪي اڄاتل منزلون نظر اچن ٿيون، جن کي هُو تخليق جي ڪُومل جذبن سان ڳولڻ جي جُستجو ڪري ٿو انهي ڪري سندس شاعريءَ “نظريه بيگانگيءَ” جي مداخلت باوجود اتها سڪ آهي،
سوچ جا منهنجا سمورا سلسلا،
روز مٺڙي ڏات ارپيندا رهيا.
(امداد سولنگيءَ)
هونئن جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اڪثر رومانيت، مزاحمت ۽ سماجيات جا موضوع نظر اچن ٿا، پر امداد سولنگيءَ وٽ اُنهيءَ ڌارا ۾ پنهنجون الڳ ڪيفيتون ۽ الڳ مزاج آهن، جنهنڪري سندس شاعريءَ ۾ هڪ منفرد خالص پڻو آهي، اِهو خالص پڻو ئي کيس انهي ٽمورتي تي انفراديت بخشي ٿو ۽ انفراديت تجربي جي حاصلات هوندي آهي، هُن اُها تجربيت پنهنجي زندگي جي ڪاميابين ۽ ناڪاميابين ۽ ناڪامين مان ورتي آهي، سندس شاعريءَ سندس ئي منظوم ادبي ڪٿا آهي، ساڳي ٻولي۽ ساڳيو سماج، ساڳي تهذيب ۽ ساڳي ثقافت ۾ ساڳين ڏکن ۽ ساڳين سکن جي مجموعي ارتقا ۾ پرورش پائيندڙ حياتين ۾ سوچ جا دائرا هڪ جھڙا هُوندا آهن، پر پيش ڪرڻ جا اسلوب مختلف هوندا آهن، تخليقن جي اڏاوتن جون هُنرمنديون الڳ هونديون آهن، فن جي اُها ئي خوبصورتي آهي ته فن حياتي جي منفرد مشاهدن جو امين هُجي ٿو ۽ مختلف انواع جي شين کي “ماءُ واري ممتا” بخشي ٿو امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ هِن سموري اُپٽار ۾ پنهنجي حياتي جي ڏکن سُکن جي سنگم کي نهايت ئي سادگي سان اظهاري ٿي،هُو حياتي جي هُوبهو ٿيندڙ اوکن تجربن جي سادگيءَ کي پنهنجي جھول ۾ وجھي بيٺو آهي، جنهن سادگيءَ ۾ معصوميت به آهي ته ڪنڊن جھڙي تلخي به آهي، ڪنهن وڏي حاصلات جي دعويٰ هو به نٿو ڪري، پر حياتيءَ جي خوبصورت ۽ بدصورت سچاين سان پڙهندڙ کي ضرور ملائي ٿوـ
تلخ لهجن کان ڊنل آهيان گھڻو،
پيار ٻولي ڇو نٿو هي آدمي ـ
(امداد سولنگيءَ)

عشق جواني جي دين آهي، هر نفيس فرد پيار جو گھُرجائو آهي، محبت کان سواءِ حياتي بي سوادي ٿيو وڃي، ڪنهن ٻئي سان محبت ڪرڻ به پاڻ سان پيار ڪرڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن ماڻهو سماج ۾ محبت جي معاملي ۾ به جاگيردارانه روين جوقائل هُجي ته پوءِ محبت هڪ طرفي ۽ انفرادي ٿيو پوي ۽ انفرادي محبت پنهنجي ارتقا جي سفر ۾ نيٺ اجتماعيت ۾ داخل ٿيندي آهي، هو باشعور ماڻهو وٽ سماجي گھرجن جي هوند/ اڻ هوند ۾ هڪ رومانوي آئيڊلزم هوندو آهي، جيڪو رومانوي آئيڊلزم ڪڏهن ڪنهن نوجوان مرد / عورت جي ڪانسيپٽ ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن اُهو رومانوي آئيڊلزم علم شعور، آگھيءَ ۽ سچ، حقيقت، قدرن، فڪرن ۽ فلسفن ڏانهن منسوب هوندو آهي، ڪڏهن اُهو رومانوي آئيڊلزم سپررئيلزم ڏانهن وابسته هوندو آهي ته ڪڏهن اُهو ڌرتيءَ ۽ آجپي جي درد ڪٿا سان واڳجي ويندو آهي، اُنهي رومانوي آئيڊلزم جي عدم موجودگي، شاعريءَ جي ادبي ولادت تي ڪرفيو هڻي ڇڏيندي آهي،شاعري جي حُسناڪي جا پهريان پار پتا رومانيت ئي ڏيندي آهي ۽ رومانيت ئي تخيل جي وسعت سان جمالياتي سحر جنميندي آهي، امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ جيڪا رومانيت آهي، سا پڙهندڙ کي درد جي آشنائي بخشي ٿي ۽ حياتي جي زندهه دليءَ ڏانهن به مدعو ڪري ٿي؛
سار جون سڀ موسمون آباد رک،
نيٺ تنهنجي نانءُ ٿيندي عاشقيءَ ـ
(امداد سولنگيءَ)

رُومانوي شاعريءَ ۾ عقل ۽ منطق جي برعڪس جذبو / احساس ۽ ڪيفيت رهبر بلڪه رُوح روان هوندي آهي ۽ سماجي ترتيب جي برعڪس دلي وارتائون شاعريءَ جو جوهر هونديون آهن، تهذيبي شعور جي افزائش جي مدِمقابل روح جون ڪوِتائون مقدس سمجھيون ويندون آهن، هڪ “اڻڄاڻان خمار” سرواڻي جا فرض انجام ڏيندو آهي، جنهن ۾ “ڇو ۽ ڪيئن” وارن سوالن جا جواب گدلا نظر ايندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن اُنهيءَ رُومانيت جي شدت سماج جي لاءِ نقصانڪار به ٿي پوندي آهي، پر جيڪڏهن رُومانوي سحر طبيعت مزاج جي توازن ۾ هُجي ته پوءِ اِهڙي رُومانيت ذهني، رُوحاني آسودگيءَ جي داعي بنجي پوندي آهي، امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جي رُومانيت وارو پهلو نظم و ضبط ۾ پوئجي هڪ توازن جو عڪاس نظر اچي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ رُومانوي آسودگيءَ مُسرتن جي متلاشي آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ مشرقي رُومانس آهي؛

نڊ حياءُ جا بادل اوڍي،
ڪيئن شرمائي نِڪري ويو آـ
(امداد سولنگيءَ)

رُومانوي شاعريءَ ۾ حال ۽ مستقبل جي اُبتڙ ماضي پرستيءَ وارو ڪلچر به اسان جي ايجاد جو حصو پئي رهيو آهي، ڇا ڪاڻ ته ميلاپ ۽ وڇوڙو هڪ ئي سِڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن، اُهو ميلاپ سحر انگيز ڪڏهن به نٿي سگھندو آهي، جنهن ۾ وڇوڙي جو ورلاپ نه هجي، وڇوڙي جي وقت ماضي وڌيڪ حسين لڳندو آهي ۽ حال جي شعوري سفر مان بيزاري ٿيندي آهي، امداد سولنگيءَ جي رُومانيت پسنديءَ ۾ به سِڪي جا اُهي ٻئي پاسا آهن، پر وڇوڙي جون صدائون ڪجھ سرس ئي آهن، ۽ اُنهن وڇوڙن جي صدائن ۾ ماضيءَ پرستيءَ سان گڏوگڏ وڇوڙن ۾ تنهائيءَ جو ملٽي ڪلچر آهي؛

تنهنجي يادن جو ميڙ آ، هُن سان،
ڪيئن سمجھئي ته هيڪلو آهي ـ

زرد شامن مان خيال ميڙيندي،
درد جو ڪو غزل لکيو آهي ـ
(امداد سولنگيءَ)

رُومانيت پسندي وارو رجحان حُسن کي ڪارج تي فوقيت ڏيندو آهي، حُسناڪيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ تراشيندو آهي ۽ جمالياتي ذوق کي همسفر بنائيندو آهي، محبوب جي حسناڪيءَ جي اظهاريت ۾ وڌيڪ چار چنڊ تڏهن لڳندا آهن، جڏهن رومانس سان گڏوگڏ جماليات جي اثر پذيرائيءَ جي آمد ٿيندي آهي، امداد سولنگيءَ جي رومانوي شاعريءَ ۾ به جمالياتي ذوق تڏهن ڀرجي ٿو، جڏهن هُو رومانس کي فطرت جي حسناڪي سان واڳي ٿو؛
وار کولي رکين ٿي پاسي تي،
ڄڻ ته بادل وسڻ لاءِ آيو آ.

رُومانوي شاعر استعاراتي انداز سوچين ٿا، گلن جي نِرملتا سندن ڪمزوري هوندي آهي، اُهي پنهنجي تخيل ۾ مصّوري ڪن ٿا، نظارن جي خوبصورتي سندن شوق جي داعي هوندي آهي؛
فلڪ جا نظارا به ڌرتي چُمن،
گلن جي حُسن تي هي شبنم ڏسي.
(امداد سولنگي)

رومانوي شاعريءَ ڪيف طاري ڪندڙ هوندي آهي، جيڪا پڙهندڙ کي به مزو، تسڪين يا لطف بخشيندي آهي ۽ تخليق جي مڪملتا تي تخليقار به آنند ماڻيندو آهي، رُومانيت جو لازم پهلو فطرت نگاريءَ آهي، فطرت نگاريءَ کان سواءِ رُومانس جو تصور اڌورو رهجي وڃي ٿو،ورڊس ورٿ، ڪولرج، شيلي، بائرن، ڪيٽس جي رومانوي شاعريءَ جو تخيل به فطرت ڪشيءَ کانسواءِ ممڪن بنجي نه سگھيو هو،هنن شاعريءَ کي فطرت جي آمد سمجھيو هو، هنن پنهنجي رومانوي شاعريءَ ۾ عام شين کي به نئين خوبصورتيءَ سان همڪنار ڪيو ائين امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس ڪجي ته هن جي تخيل ۾ به فطرت نگاريءَ جو ساههُ پَساهه آهي؛

رات ڀي تو وٽ اچي ها چنڊ پر،
بادلن جي اوٽ مان آجو نه هو ـ
(امداد سولنگيءَ)

رُومانوي شاعر يورپ ۾ هُجن يا سنڌ ۾ هُجن پر هنن وٽ فطرت هڪ زنده شيءَ آهي،جيڪا ساهه کڻي ٿي محسوس ڪري ٿي، سک ماڻي ٿي ۽ ڏک جھاڳي ٿي، فطرت کي پستي ۾ سمجھڻ ذهني فڪري مغالطو آهي، اجڙندڙ فطرت تهذيب جي عڪاس ڪانهي، پر فطرت بقول اسپائنوزاجي ته سپر نيچرل هستي جو هڪ حسين روپ آهي، منهنجي خيال موجب فطرت کان دوري ماڻهو کي خود غرض بنائي ٿي ـ صنعتي ترقي اچڻ سان شهرن ۾ بيگانگيءَ ۽ اڪيلائي جا رجحان زور وٺن ٿا، جنهن جي ڪري ماڻهو بي لُطف، بي مزي، بي سواد، ٿِيو پوي ۽ شهري حياتي سماج ۾ اجتماعيت جا ڀاڱا لاهي انفراديت کي هٿي وٺرائيندي آهي، سنڌي سماج ۾ جتي به صنعتي ترقيءَ اُوج تي آهي، اتي ماڻهو فطرت کان ڏور آهن، پاڻ کي مشينن جيان ڪم ڪندي ڏسن ٿا، احساس جي اُڇل لاءِ سِڪن ٿا، مصنوعيت مان تنگ آهن، سندن رُومانوي تصورن ۾ ڳوٺاڻي تهذيب جھَلڪي ٿي، ڳوٺاڻي نفسيات، ڳوٺاڻي تهذيب ۽ ڳوٺاڻو ڪلچر اڄ به اُنهن ماڻهن جي رومانس جو ڄڻ ته آئين آهي، ڇاڪاڻ ته شهر جي مصنوعي ۽ احساس کان عاري ماحول جي آلودگي کين ڪو به سُڪون نٿي بخشي، امداد سولنگيءَ جي رُومانوي شاعريءَ جي جماليات به ڳوٺاڻي فطرت سان اندران ئي اندران جڙيل آهي. هُو به پنهنجي تخيل ۾ فطرت جي حسناڪي کي مقدس سمجھي ٿو؛

ننڍپڻ يادون، ميڙي نِم جي ڇانوُن ۾،
جھُور اکين جا ٿڪ ڪي لاهيون آءٌ وري ـ
(امداد سولنگيءَ)

شهرن جو عاليشان ڊگھيون عمارتون ۽ شيشن جا دڪان ۽ گھر ۽ مصنوعي سجاوٽ وارا چهرا اڄ به اسان جي تخليقار کي متاثر نٿا ڪن، پر هنن کي تخليقي سرزمين تي ڪکاوَن گھرن جي سادگيءَ جا گل ڦُٽي پوَن ٿا، جتان اسان جي لوڪ ادب جو بابرڪت جنم ٿيو هو،جتي روايتن سماجي مينيفيسٽيو طور گھر اڏڻ شروع ڪيو هو، جتي سادگيءَ، روحانيت کي جنميو هو، اُها آئيڊلزم اڄ به امداد سولنگيءَ جھڙن نوجوان شاعرن جي تخليقن ۾ سروائيو ڪري ٿي؛

پراڻيون ڪهاڻيون، صحيفا، قصا،
ٻڌايا ها ڏاڏي ڪکن ۾ ويهي ـ
(امداد سولنگيءَ)

ورڊس ورٿ به قدرتي نظارن ۾ معنيٰ تلاش ڪئي، ٻهراڙيءَ جو ٻوليءَ سان پيار اظهاريو ۽ ڳوٺاڻي معصوميت جو ادراڪ شاعريءَ ۾ جذب ڪيو، هُن ٻهراڙي ۾ حياتي جي اصليت کي ڏسي ورتو هو ۽ ٻهراڙي جي روايتي ۽ رواجي حياتيءَ سان تخليق جي سٻنڌ کي جوڙي ورتو هو، فطرت جي منظر ڪشين ۾ هُن مسرت ڳولي هئي ۽ هو فلسفي جي حوالي سان انسان ۽ فطرت جي رشتن کي نئين انداز سان ڏسڻ ۾ ڪامياب ويو، ورڊس ورٿ جو نظم ڪيو، هُن ٻهراڙي ۾ حياتي جي اصليت کي ڏسي ورتو هو ۽ ٻهراڙي جي روايتي ۽ رواجي حياتيءَ سان تخليق جي سٻنڌ کي جوڙي ورتو هو، فطرت جي منظر ڪشين ۾ هُن مسرت ڳولي هئي ۽ هو فلسفي جي حوالي سان انسان ۽ فطرت جي رشتن کي نئين انداز سان ڏسڻ ۾ ڪامياب ويو، ورڊس ورٿ جو نظم (گڊ بليڪ اينڊ هيري گِل) ۾ پڙهڻ وٽان آهي، جنهن ۾ هڪ ڪنجوس هاريءَ ۽ هڪ عورت جي ڪهاڻي آهي، ورڊس ورٿ جي دوست ڪولرج جو نظم (اينسينٽ مارينر) به هِن ڏس ۾ مشهور نظم آهي، جنهن ۾ پئسفڪ سمنڊ ويندڙ ملاحن جو ذڪر ڪيل آهي، جنهن ۾ هڪ ملاح پکيءَ جو شڪار ڪندي موٽ ۾ انيڪ مصيبتن سان همڪنار ٿئي ٿو، ڪولرج ۽ ورڊس ورٿ ٻنهي جا نظم (ليريڪل بالاڊس) ۾ اڄ به رُومانيت جا سوُنهان آهن، رُومانيت ۾ نوجوان شاعرامداد سولنگيءَ ساڳين پيچرن جو اڄاتل مسافر آهي هو به ڳوٺ جي سائيڪيءَ کي پنهنجي رومانوي آئيڊلزم جو حصو بنائي ٿو؛

ماڪ موتين جا منظر صبح ڳوٺ ۾،
سوچ، ساڳي پهر ۾ رهون ٿا پيا ـ
(امداد سولنگيءَ)

رُومانيت کان سواءِ فڪر جي جنهن ٻئي دري مان امداد سولنگيءَ پنهنجي شاعريءَ مان جھاتي پاتي آهي سا سماجياتي ڌارا آهي، سنڌي سماج جي بي ترتيبي ۽ عدم توازن کان هڪ باشعور شاعر بي خبر نٿو رهي سگهي، سماج اندر بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ ناخواندگيءَ کان سنڌ جو تخليقار طبقو مونهن نٿو موڙي سگھي، هڪ اهڙي طبقاتي جبر واري سنڌي سماج ۾ امداد سولنگيءَ سماج جي بيرحميءَ تان پردو کنيو آهي ۽ غربت جي حقيقي تصوير ڪشي ڪئي آهي؛

بُکي پيٽ جي بَدحواسي منجھان،
سوين درد دکڙا بَکن ٿا پيا ـ
(امداد سولنگيءَ)
سنڌي سماج به معاشي سطح تي گلوبلائيزڊ پاليسين کان آجو ڪونهي، سرمايادارنه پاليسين جي ڪري سنڌي سماج ۾ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ واري حياتي گھاري رهيا آهن، هڪ ڪمائيندڙ ماڻهوءَ جي پويان سڄو خاندان کائي ٿو، روزگارن جا وسيلا محدود ڪيا ويا آهن، ماڻهو ذهني، فِڪري ۽ معاشي سطحن تي هاڻي ٿڪجي پيو آهي؛
غربت آخر ڪيئن مِٽايان،
گاڏو ريڙهي ٿڪجي پيو هان ـ
(امداد سولنگيءَ)

مارڪسي ادبي تنقيد جي تحت ڏسجي ته امداد سولنگيءَ پنهنجي شاعريءَ طبقاتي سنڌي سماج ۾ مزدورهاريءَ واري معاشي طور ڏتڙيل طبقي جي نه صرف ڏکن، المين، عذابن جو ذڪر ڪري ٿو، پر طبقاتي عهد ۾ هو هاري مزدور جي حقن جي ئي حمايت ڪندي نظر اچي ٿو، سرمايادار طبقي جي حمايت نٿو ڪري، اُنهيءَ مزدور طبقي جي بي وَسي، خالي پڻي ۽ غربت کي هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورتيءَ سان پوئيو آهي؛
اڄ ڀي خالي ڄار هٿن ۾،
موٽيا ماڳ مهاڻا سارا ـ
(امداد سولنگيءَ)

غربت جي ڪارڻ ماڻهوءَ معاشي سطح تي منهن نه ڏئي سگهندو ته اُهو مايوسيءَ ڏانهن وڌندو آهي روزانه اخبارن ۾ اُنهيءَ قِسم جون خبرون عام ٿينديون وڃن ٿيون، امداد سولنگيءَ به اهڙي صورتحال کي عڪس بند ڪري ٿو ۽ سماج جي ناڪاري پهلوئن جي عڪاسي ڪري ڌيان ڇڪرائي ٿو ته سماج ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي ۽ غربت سماج ۾ ڪيئن گھر ڪندي وڃي ٿي؟

خودڪشيون محبوب ٿينديون ٿيون وڃن،
روز ڏي ٿي مُفلسي ماتام ڪوـ
(امداد سولنگيءَ)

امداد سولنگيءَ جي شاعري جا هيروز ڪاٺير، ماهيگير، هاري ناري مزدور، رمتا جوڳي وغيره آهن، جن لاءِ سماج وٽ ڪجھ به ڪونهي، جيڪو کين پورهئي جي عيوض ارپي، ايتريقدر جو اُنهن کي پنهنجي پورهئي جو جائز حق به نٿو ڏنو وڃي؛

هارياڻي جي تن جو چولو،
ڦاٽل ڪو پهراڻ حياتي ـ

عيد جا ڪپڙا خريدڻ پئي گھريم،
ماءُ جي ان پَل دوائي ياد پئي ـ
(امداد سولنگيءَ)

امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جتي غربت، بک، بدحالي، ڏڪار جي خلاف مزاحمت ڪري ٿي، اُتي سرمايادارنه سماج جي ناڪارين ۽ سماجي بدعتن جي ڪري پيدا ٿيندڙ حالتن کي به فوڪس ڪري ٿي، دنيا ۾ روز بروز وڌندڙ حوَس پرستي ۽ اُنهيءَ حوَس پرستي ۾ ٿيندڙ بنا امتياز جي حرام حلال جي اڄاتي موجوده ڊوڙ به سندس تخليقن ۾ آرسيءَ جيان چٽيءَ ٿي بيٺي آهي، هڪ سچيت تخليقار جي حيثيت ۾ هُن موجوده پوسٽ ماڊرن صورتحال کي ڪجھ نه ڪجھ پروڙي ورتو آهي، پوءِ هُن پوسٽ ماڊرنزم جو باقائدي ڀلي مطالعو نه به ڪيو هُجي، پر اُنهيءَ حقيقت کان ته انڪار نٿو ڪري سگھجي ته پوسٽ ماڊرن صورتحال جو شڪار ته اسين سڀ آهيون!

دنيا کيل تماشو آ ڪو،
جنهن جي پويان جڳ ٿو ڊوڙي ـ
(امداد سولنگيءَ)

پوسٽ ماڊرنزم جي هِن دور ۾ نظرين جي سگھ کي ڪمزور ڪرڻ جا سعيا زور تي آهن، شين جي فارمولائيز هئڻ تائين ته گھڻو ڪجهه ٺيڪ هو ۽ گھٽ ۾ گھٽ اَڇي ڪاري جي فرق کي پرکڻ جا ڪي معيار ته هئا، پر هاڻي سڄي دنيا ۾ هڪ رينڊم صورتحال آهي، هاڻي پاڻ هڪ اهڙي ڪنزيومر سوسائٽيءَ ۾ رهون ٿا، جتي هر شيءَ کي وکر بنائڻ جي لاءِ هڪ وسيع مارڪيٽ جو ڄار وڇايو ويو آهي، احساس ۽ سماجي قدر به واپاري لوازمات جا محتاج بنجي پيا آهن، امداد سولنگيءَ جي تخليقي شعور اُنهيءَ صورتحال کي ڇهاءُ ڏئي ٿو؛
تيز دنيا جي تاجر آڏو،
هي ته اياڻپ ڪِين هلي ها ـ
(امداد سولنگيءَ)
منزل حياتيءَ جي فارمولائيز هئڻ سان ڳنڍيل هوندي آهي، جڏهن حياتيءَ جي گذارڻ جا دستور ۽ نظريا به ڀِت سان لڳايا وڃن ته پوءِ ڇڙواڳي، بدامني، انارڪي ۽ بدامني روز دستور ۽ نظريا به ڀِت سان لڳايا وڃن ته پوءِ ڇڙواڳي، بدامني ، انارڪي ۽ بدامني روز جو معمول بنجيو وڃي امداد جي شاعريءَ ۾ رڳو روسوءَ جي فلسفي جيان ٻهراڙيءَ سان والهانه محبت جو اظهار ڪونهي، پر شهري حياتيءَ جا به ڪئين لقاٰءُ آهن، جيڪي موجوده پوسٽ ماڊرن دَور جي عذابن جا لقاءُ آهن؛
هِتي روڊ رستن تي لاشا سوين،
اَلا اُڀ ٿو ڦاٽي هي ماتم ڏِسي ـ
(امداد سولنگيءَ)
ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي مصنوعي رشتن جي سامهون اڄ ڪلهه حياتيءَ جي پرور اصليت ۽ دائميت کان منهن موڙيو پيو وڃي، سائيبرايج جي هِن دوَر ۾ سماجن جا ثقافتي ۽ ڪلاسڪ قدر تباهيءَ جي وَر چڙهي رهيا آهن، پوسٽ ماڊرن صورتحال اڄ جي نئين انسان کي مُنجھائي ڇڏيو آهي، ماڻهن جي سوچن جا معيار سرمايادارنه رحم ڪرم تي آهن، ماڻهوءَ ميڊيا جي متعارف ڪرايل عڪسن ۾ جيئڻ شروع ڪري ورتو آهي، ڪنهن به شيءَ کي دائميت ڪانهي، سيڪنڊن ۾ صورتحال تبديل ٿيو وڃي، جديد فيشن جا اڻ کٽندڙ ڪي سلسلا آهن، جيڪي پُڄاڻيءَ ڏانهن ته ڪونه ٿا وڌن، پر حياتيءَ جي دائمي دستورن کي پستين ڏانهن ڌِڪي رهيا آهن؛

هي فيشن جا اڻکٽ زمانا هِتي،
سَندي سادگي کي سڏن ٿا پيا ـ
(امداد سولنگيءَ)

امداد سولنگيءَ جي سموري شاعريءَ ته هر ڪنهن کي پسند اچي نٿي سگهي، پر مقدار ۾ ئي معيار ڳولي سگھجي ٿو، سندس معياري شاعريءَ کان ڪوبه وقت جو نقاد منهن موڙي نٿو سگهي، مون سندس ميريٽس جي پرک ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر فطري ڳالهه آهي ته سندس شاعريءَ تي تنقيد جي به گنجائش آهي، منهنجي مشاهدي موجب فِڪري حوالي سان سندس شاعريءَ متاثر ڪندڙ آهي، هِن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪِن ٿورن بحرن بحر هزج، بحر رمل، بحر متقارب ۽ بحر متدارڪ سالم غير سالم جو منفرد ۽ غير منفرد استعمال ڪيو آهي، وڌيڪ کين ڏکن بحرن تي کيس اڃا طبع آزمائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، سندس قافيا ڪٿي تزّ ته ڪٿي آوازي آهن، پر ڪٿي ڪٿي آوازي به نٿا ٿين، جنهنجي لاءِ کيس قافين تي وڌيڪ محنت ڪرڻ درڪار آهي، فن رڳو وزن بحر ڪونهي، پر وسيع آهي، فن جي ٻين ڪيترن پاسن کان سندس شاعريءَ ڪرافٽمئنشپ کڻي اچي ٿي، شاعريءَ کي رڳو مقرر ۽ قديم تنقيدي اُصولن تحت نٿو ڏسي سگھجي، پر فن آرٽ جي ٻين جديد قدرن ۽ اُصولن تي پرکڻ به ضروري آهي، امداد سولنگيءَ جو آرٽ ڪيترن ئي زاوين کان خوبصورت آهي، سندس من موهيندڙ تشبيهون روح ۾ سانڍڻ جھڙيون آهن، ڪٿي ڪٿي هُن جي ٻوليءَ جون ترڪيبون پڙهندڙ کي مسرور ڪن ٿيون، ڪٿي سندس استعارا غير معمولي فڪر جا داعي آهن، ڪٿي هُن جي تجسيم پرسونيفيڪيشن سندس ڏات ۽ هنر منديءَ جو مثال بنجي پوي ٿي، جيئن هي بند آهي؛

ناچڻي جا ناز روئن ٿا پيا،
سُر سمورا ساز روئن ٿا پيا ـ
(امداد سولنگيءَ)

امداد سولنگيءَ هڪ باشعور تخليقار جيان آرٽ جي متعين ڪيل رستن جو چڱو خاصو شعور رکندڙ شاعر آهي،هڪ عام ڳالهه کي شاعراڻو رستو ڪيئنءَ ڏجي؟ اُهو آرٽ سندس شاعريءَ ۾ جابجا موجود آهي؛

نگاهن جي رستن ۾ دل جون ڪٿائون،
رکيا ٿَم ڪي سپنا ۽ سُڏڪا سهيڙي ـ
(امداد سولنگيءَ)

مجموعي طرح امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ ديس پرديس جي ڪٿا آهي، جوڀن جي سڪ پيار ڏک، سُک جي پالنا آهي، حياتيءَ جي ناڪارين ۽ خراب سماجي بدعتن خلاف مزاحمت آهي، سندس شاعريءَ رڳو شعوري وارتا ناهي، پر اُها لاشعور جي منجھيل سٽن کي به اُکولي ٿي، ڪِٿي ڪِٿي سندس بندن جون انيڪ معنائون ساختيات پُڄاڻان تنقيدي نظرين موجب ساراهه جوڳيون آهن، هُو رُومانس ، مزاحمت ۽ سماجي سطحن جو هڪ سٺو شاعر آهي، اُميد آهي ته هيءُ شعري مجموعو“پارسائي جون حدون” کيس ادبي دنيا ۾ وڌيڪ اُتساهه بخشي پروموٽ ڪندو!!

خليق ٻُگھيو
22ڊسمبر 2016
03337083523