طرحي غزل
افسوس سوين ڳوڙها ارمان کڻي آئي،
دل سوز سڙي سڪ جا سامان کڻي آئي.
هَر رات اورانگھي ٿو ، ڪو چور پرائو گھر،
هي لوڀ ڪڌي رستي انسان کڻي آئي.
بيدار عقل پنهنجو اڄ پوءِ به ٿيو ناهي؟
هي سنڌ ڪٺل پٽڙا ڪي جوان کڻي آئي.
بي رنگ حياتي جو ڪو حال رهيو ناهي،
هر ويل غمن جي آ ويران کڻي آئي.
ملاح وري مونجھا هي مُند وري تِن لاءِ،
سيلاب کڻي آئي طوفان کڻي آئي.
سئو خواب گلن جھڙا بازار ۾ هوءَ وڪڻي،
بس آس ٽٽل خالي گلدان کڻي آئي.
مان چنڊ چَئي جنهن کي امداد چُمڻ چاهيو،
هوءَ يار حجابن جا اعلان کڻي آئي.