نه جيون ۾ ڪو سُوجھرو ٿو سُجھي،
نه نيڻن ۾ خوابن جو پَل ٿو پَچي.
حياتي جي زخمن جو مرهم کڻي،
صنم ڌَر نگاهون مون ناسُور تي.
مڙئي ڏينهن مُرڪن جا باندي بڻيا،
رُڳو روڄ راڙي ۾ رُت پئي رَچي.
مُساڳي چپن جا ڀرم ياد پيا،
محبت ڪا من ۾ اڃان پئي دُکي.
اڃايل هرڻ جي نگاهن کي ڪا،
شڪارڻ ڏسو تير ويٺي ڪَڇي.
مان انسان آهيان تڏهن پيو دُکان،
هي احساس هٿ سان دفن ڪيئن ڪجي.
ترانو گھران موڪلائڻ سندو،
مسافر ٽٽل دل سان ويٺو لِکي.