دنيا دين ڌرم کي ٽوڙي،
دل پئي هاڻي دل سان جوڙي،
نٽهڻ اُس ۾ سايا اڀريا،
يار! گھُميو پئي ڪاڪل ڇوڙي،
ٻالڪپڻ ۽ جواني جذبا،
وقت وڃي ٿو ڇا ڇا ، ٻوڙي،
توکي ساري تير نظر جا،
مان ويهان ٿو چنڊ ۾ کوڙي،
دنيا کيل تماشو آ، ڪو،
جنهن جي پويان جڳ ٿو ڊوڙي.
آس ڪنڌي تي بيٺل سَرتي،
واڳ ورڻ جي مَن هو موڙي.
.