داڳ لڳو هو دامن تي....!
هِن پنهنجي ميري دامن کي،
مون ڌوئڻ جا ڪيئي وَس ڪيا،
هڪ لوڪ ڏنڀيو هو طعنا ڏئي،
ٻيو سور رکيو هو پنهنجن ڏئي،
مَن مون ۾ ڪوئي عيب نه هو،
بس الزامن جي بارش هئي،
گھر ٻار لُڙهي ويو منهنجو هو،
هي هِيڏي ساڙ سڙي دنيا،
مان سمجھي ڪونه سگھيم تنهن کي،
هڪ ڳالهه اچانڪ ڪڙڪي هئي،
“تون ڪاري آن تون ڪاري آن”
مون دانهن کڻي در کڙڪايا،
هي هيڏو مونسان ظلم نه ڪيو،
پر مون تي جان ڏيڻ وارو،
سو مڙس به دشمن بڻجي ويو،
ڪنهن ڪِين ٻُڌي ڪا دانهن منهنجي،
هر فرد گھُٽيو پئي ساهه منهنجو،
ڪنهن ڪات ڪهاڙا سامهون ڪيا،
ڪنهن غيرت جون پئي ڳالهيون ڪيون،
بس آهه اندر ۾ پالي مون،
هِن مُرده صفت ضميرن لئه،
ڪيئي لڙڪ لڪايا نيڻن ۾،
هِن ڀوتارن ۽ ميرن لئه،
بس داڳ لڳو هو دامن تي،
سو ڌوئڻ جھڙو ڪونه هُيو،
هي جڳ سمورو سورن ۾،
سو جيئڻ جھڙو ڪونه هُيو.