من ۾ ماتم سئو برپا من ڇا سمجھان،
خوابن پويان نيڻ ،فدا من ڇا سمجھان.
جڳ جي ريتن رسمن آڏو مان سَرتي،
پنهنجي چاهت، پيار ،وفا من ڇا سمجھان.
رات ٻري ٿي چنڊ ستارا جُھول کڻي،
مون وٽ لمحا گُھگھ سدا من ڇا سمجھان.
حق جا نعرا هڻندي باغي سڏجون ٿا،
وک وک ڦاهيون گھاٽ ،اڏا من ڇا سمجھان.
روپ مسيحا ۾ مون گهارڻ ڄاتو هو،
دنيا جا هِن درد ،وڏا من ڇا سمجھان.
عرض کڻي امداد رسيو هو در تنهنجي،
دَر جو سمجھئي ڪِين ،گدا من ڇا سمجھان.