چئه مَن! ڪنهن کي چاهيون هاڻي،
جڳ جھڙا هِت ، ناهيون هاڻي.
ناقص سوچ وري ٿي سنبري،
واريءَ جا گھر ٺاهيون هاڻي.
پرت پيارا پار هليا ويا،
ڪنهن لئه نيڻ وڇايون هاڻي.
مومل هڪڙي دل ۾ پنهنجي،
ڪنهن ڪنهن کي ڏئي جايون هاڻي.
نيڻ بنجر ٿيا خواب بِنا هِت،
آس اُتي ڪجھ ،ڪاهيون هاڻي.
هي به ڊسمبر تنها گھاري،
سيڪ برهه جون ،باهيون هاڻي.
نڪتيون آهن ڪونج قطارون،
ساڻ مَٽن سان مايون هاڻي.
درد کڻي امداد لکي ٿو،
گيت غزل ڪي ،وايون هاڻي.