هُن جواني تي جبر ڏاڍو ڪيو،
مون ته هو پو ڀي صبر ڏاڍو ڪيو.
ڪنهن غريبي جا ڏنا طعنا رڳو،
ڪنهن وري ماڻو مگر ڏاڍو ڪيو.
ياد کي تنهنجي مٽائڻ ڪاڻ مون،
دل نِماڻي کي پٿر ڏاڍو ڪيو.
تو ڪَٽيو هو يار ماضي ڪيئن مگر،
حال آ توسان حشر ڏاڍو ڪيو.
ڪنهن غزل جي کوج ۾ويندي ڪوَي،
سوچ هو تنهنجي سفر ڏاڍو ڪيو.
مُرڪ جون امداد ماري موسمون،
لوڪ آ زخمي اندر ڏاڍو ڪيو.