شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

خواب ڳوڙهن ۾ هاڻ ڳايو آ،

خواب ڳوڙهن ۾ هاڻ ڳايو آ،
بار دل جي مٿان سوايو آ.

عشق اُڌمن جي راند ۾ ڦاٿل،
نيهن پوءِ ڀي ته مون، نڀايو آ.

گهر جي آڳر تي ٻارڙن سان گڏ،
روح کيڏي ته مَس کِلايو آ.

ماڪ پيتل صبح جي هر منظر،
تنهنجي سجدي ۾ سَر جھڪايو آ.

لوڪ اُلجھي ٿو هِن فقيرن سان،
ڪير سمجھي ته ڪنهن رلايوآ.

وار کولي رکين ٿي پاسي تي،
ڄڻ ته بادل وسڻ تي آيو آ.

گيت سرجڻ ئي پنهنجو سَرمايو،
قرب لکندي ئي مون ڪمايو آ.