پنهنجو ڇا پر غير به ڪونهي،
هُن جو هاڻي ڪير به ڪونهي.
تون ڀي ناهين دل ۾ هاڻي،
يادن جو ڪُو ڍير به ڪونهي.
مايوسين جي موسم ڪڙڪي،
سپنا خواهش خير به ڪونهي.
هڪ لحظي ۾ سڀ غم لاهين،
تو در مالڪ! دير به ڪونهي.
جيوَن جا سڀ رقص اُڏاڻا،
تو بِن ڇمڪو، ڇير به ڪونهي.
دنيا ساري دشمن تنهنجي،
تنهنجو ڪنهن سان ويرَ به ڪونهي؟