ڪوته اچي هي جاڳ اسان جي ننڊ ندي جي ڪُن ۾ لاهي،
ٿڪجي پيو هان آٿت ڏيندي، پاڻ دلاسن ۾ دل ٺاهي.
پوپٽ جي ته رنگين پرن تي، گيت نظم ڄڻ اُڪريل آهن،
شاعر روح هميشه ، تنهنجي گلشن ڏي ٿو دلبر ڪاهي.
ميڙ کڻي اڄ پُهتو آهيان، چنڊ انهن جي آڳر تي مان،
تارا ڀي گڏ آهن مون سان، شال پرين ڪو نينهن نڀاهي.
ٿاڪ لهن ٿا شام سندا هي پنڇي پنهنجي آکيري ۾،
هوُ رولاڪ دڳن تي هيڪل، هلندي هلندي وک ٿو، ساهي.
راڳ جنم جي هر ميلي ۾ جوڳي مٺڙا آلاپي ٿو،
رڳ رڳ ۾ درويشي ڦوڪي، انت لڀڻ کان آري، آهي.
پئسي جي وشواس ڇڏيو آ، رت جي رشتن کي هِت ٻوڙي،
ڪوڙ ڪچو آ پاڻ ئي ڀُرندو ،هيلا ڪو به هلائي ڇاهِي.
غم جي سامهون مُرڪي هر هر گذري ٿو امداد اڪيلو،
مايوسين کان منهڙو موڙي، دردن جون ديوارون ،ڊاهي.