شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

ڏسي جي مُرڪي ته ڳالهه بڻجي،

ڏسي جي مُرڪي ته ڳالهه بڻجي،
فقير دل جو ڀي حال بڻجي.

نظر جا سجدا ڪندو رهان ٿو،
حسن جي پوڄا ڪمال بڻجي.

جناب نظرون مٿي کڻو ڪجھ،
غزل غزل هي خيال بڻجي.

چيو پئي دلڙي دُکي هرڻ جو،
ڪنهن شير آڏو اُڇال بڻجي.

اي منهنجا مالڪ مهر اوهان جي،
بُکي بدن جي ڪا ڍال بڻجي.

حيات هر هر اسان جي سامهون،
اهو ئي اُوکو ٿي سوال بڻجي.