درد جو درمان جيڪر ٿي پوي،
تو هٿان احسان جيڪر ٿي پوَي.
مان سجايان گھر گِھٽي هر چوڪ کي،
مُحب هو مهمان جيڪر ٿي پوَي.
لوڀ ، لالچ ،ڌن دنيا دولت مٿان،
ماڻپهي جو مان جيڪر ٿي پوَي.
شهر کان موڙي رکان ٿو مَن وڃي،
ڳوٺ پنهنجو ڌيان جيڪر ٿي پوَي.
خواب لاءِ جھاڳيل اکين جو پنڌ هي،
ساڀيان سامان جيڪر ٿي پوَي.
هِن خزان جي هُوڏ سامهون عاشقي،
گل ڀَريل گلدان جيڪر ٿي پوَي.