ڪنڌ ٽوڙِي ڪات ارپيندا رهيا،
خُودڪشيون حالات ارپيندا رهيا.
خواب کان خالي اکين جا مئڪدا،
جاڳ جي هر رات ارپيندا رهيا.
سوچ جا منهنجا سمورا سِلسلا،
روز مٺڙي ڏات ارپيندا رهيا.
اوپرا ماڻهو هزارين شهر ۾،
اجنبي ڪا جھات ارپيندا رهيا.
ماڻهپو، انسان ماري پاڻ کي،
نانءُ اعليٰ ذات ارپيندا رهيا.
دلرُبا هر بار هي دُرويون کڻي،
دل ٽُٽي کي تات ارپيندا رهيا.