شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

ڪيئن چوان پنهنجو قِصو هو عام ڪو،

ڪيئن چوان پنهنجو قِصو هو عام ڪو،
ڪيئن گذاري تو بنا ٿو شام ڪو.

ورِد جاري تنهنجي ئي آ نانءُ جو،
پل به ناهي تو بنا آرام ڪو.

مان رهان مدهوش جيڪر عمر ڀَر،
يار نيڻن سان پياريو جام ڪو.

مسرتن جا گل سمورا ويا ڇڻي،
زندگي جي پيو لُڏائي لام ڪو.

خودڪشيون محبوب ٿينديون ٿيون وڃن،
روز ڏي ٿي مُفلسي ماتام ڪو.

زرد آهن خواب کان خالي اکيون،
هاڻ ٿيو آ نيهن ۾ ناڪام ڪو.