شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

ائين لڳي ٿو ميگهه اوهان جي ٿر تي ترسڻ چاهي ٿو،

ائين لڳي ٿو ميگهه اوهان جي ٿر تي ترسڻ چاهي ٿو،
درياءُ سارو بادل بڻجي ،ڄڻ ڪو برسڻ چاهي ٿو.

ڀٽ اکين جي پينارن کي ،دلڪش ڏيک ڏيکارن ٿا،
سونهن سُندرتا سامهون اڄ ڪو، شاعر گذرڻ چاهي ٿو.

نيٺ سفيني پار ٿيڻ جا خواب لتاڙِي ،ڇولي وئي،
تختو تختو ٿي اڄ پنهنجو ڀاڳ به ، ترڪڻ چاهي ٿو.

لرزش ۾ آ ننگ اگهاڙو، حال غريبي او حاڪم!
عيد سندو هڪ ڀاڪر پائي توسان ،مرڪڻ چاهي ٿو.

مُور کنيو آ رات پرن تي چانڊوڪي جو کيل نئون،
پڃرو ٽوڙي هاڻي هوڏي منڙو ،اُڏرڻ چاهي ٿو.

ڪامهه گلن ۾ ڪاهي پئي آ ،وڻ وڻ ٻوٽو وکري ٿو،
شايد مونکي خالي گلشن,پل هي ،ارپڻ چاهي ٿو.

لوڪ جيان ڪجهه پٿر ميڙي چات چتائڻ پهتو آ،
اڄ منهنجي امداد صبر کي يار به ،پرکڻ چاهي ٿو.