ڪونه ساري ٿو جھان جي ڪا خوشي،
من جيئڻ جي آس کي جھُرندو ڏسي.
وقت پائيندو ويو ويڇا ڊگھا،
تو به جانان تنگ ڪئي هئي دل لڳي.
سَار جون سڀ موسمون آباد رک،
نيٺ تنهنجي نانءُ ٿيندي عاشقي.
تلخ لهجن کان ڊنل آهيان گھڻو،
پيار ٻولي ڇو نه ٿو هي آدمي.
ڪير سمجھي ڪير ڄاڻي لوڪ کي،
دوست پالي ٿو اندر ۾ دشمني.
پياس جيڪا پاند ۾ آ مون کنئي،
هاڻ تاريندي اِها ئي تشنگي.