سانڍي هيڏا ،سور حياتي،
ٿڪجي پئي آ، جھور حياتي.
ڀوڳي ويٺي خاموشين سان،
دنيا جا ،دستور حياتي.
وڻ کان ڪٽجي لام بڻي آ،
هيڪل توکان ،ڏور حياتي.
ڳولي رکجان من ۾ اهڙو،
مقصد ڪو ،مَنشور حياتي.
پالي ٿڪندي پاڻ هِجر ۾،
اُلڪا ،اُڌما ،پُور حياتي.
ڦٽ پاٿن تي سمهندي پنهنجي،
گهاري ٿو ،مزدور حياتي.
عيد تڪي امداد اڃان پئي،
لڙڪن ۾ ،عاشور حياتي.