وساريان ڪيئن ڀلا توکي!!!
سڄڻ دل جي هِندوريءَ ۾،
لُڏن تنهنجون لکين يادون،
نه تنهنجي سار جو اُلڪو،
لٿو منهنجي جواني تان،
نه تنهنجي پيار جو تحفو،
ڇنيو منهنجي جواني کان.،
سندي جيون جي اُس آڏو،
سلامت مون رکيا جانان،
هي تنهنجي مرڪ جا سايا،
ادا تنهنجي جو هر هڪ گُل،
مون خوشبو ساڻ سانڍيو آ،
خماريل نيڻ هي ڪجلا،
ڏسان رُخسار مڌشالا،
نه وسري تنهنجو جوڀن ٿو،
نه تنهنجو روپ ٿو وسري،
مگر بس ايترو آهي،
تون وڇڙي ڏور ٿي وئي آن،
سندئي يادون به تو وانگر،
سندمَ من کي جو ڀائن ٿيون،
وساريان ڪيئن ڀلا توکي؟
وساريان ڪيئن ٻُڌا توکي؟
ڄامشوريءَ مان گذر ٿيو!
قرب ڪوري مان گذر ٿيو،
ڄامشوري مان گذر ٿيو،
خيال آيو ڪاش هِتڙي،
مان به گھاري پل وڃان ها،
سوچ لوڌيو ڇونه آئين،
زندگي جا خواب ميڙڻ،
آس جاڳي ڪا پُراڻي،
جيءُ به ويٺو هو جھيڙڻ،
پر حقيقت هي هئي پيارا!
پاڻ هئاسين حال هاري،
پيءَ پالڻ ۾ پگهر هو،
گهر جو پورو بار باري،
نيٺ ننڍڙا جوان ٿياسين،
بس رُڳو اسڪول وياسين،
دل جي دنيا ۾ هزارين،
خواب هوندا هئا مگر،
پاڻ ڊاهي پاڻ کي پوءِ،
ڪونه هوندي هئي خبر،
بس پڙهائي جو سفر،
اسڪول تائين محدود هو،
ڪنهن وڏي تدريس تائين،
پنهنجو پهچڻ ڏور هو،
بس اهي ڪاليج ۽،
يونيورسٽيون پاڻ لاءِ،
خواب هو جيڪو سدائين،
خواب ٿي گذري ويو،
ڄامشورا ڄامشورا،
ڪاش توڏي مان اچان ها،
آس ميڙي ٿيڙ کائي،
سُڏڪندو ۽ سِسڪندو،
ڄامشوري کان لنگهيو هان،
قرب ڪوري مان لنگهيو هان،