شاعري

پارسائي جون حدون

”پارسائي جون حدون“ نئين ٽهيءَ جي خوبصورت شاعر امداد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. امداد سولنگيءَ جي هِن پهرين شعري مجموعي “پارسائي جون حدون” ۾ انساني صحيفن جي لتاڙ خلاف آواز سميت اکين جو رستو چيري دل ۾ گھر ڪري ويندڙ محبتي مايا جو سمنڊ موجود آهي، جنهن ۾ پيار ۽ پريت جون لهرون عشاق دلين جي قافلن کي ٿڪاوٽ جي صورت ۾ گھاٽي ڇانوري جو احساس ڏيارين ٿيون.
Title Cover of book پارسائي جون حدون

هي دل مون جيڪا ڌاري آ،

هي دل مون جيڪا ڌاري آ،
سا چاهت ۾ ئي ڳاري آ.

خوابن جا اُلڪا اکڙين ۾،
ڪا ياد به دلڙي ساري آ.

بي وقت اچي ٿو موت مٺا،
تُو ڪهڙي ڪئي اڄ تياري آ.

غيرت نالي تي تو پنهنجي،
ڀيڻ سڳي ڇو ماري آ.

کوڙ پرين دمساز دنيا ۾،
پر منهنجي تو سان ياري آ.

تون چانڊوڪين کي ڳولين پيو،
هت رات هميشه ڪاري آ.

امداد جون سوچون سُڏڪن ٿيون،
پر لوڪ ٻُڌڻ کان آري آ.